ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ آخري سال جي شاگردياڻي ۽ لطيف جي شاعري کي سولائي سان ياد ڪندڙ ۽ ڪچهرين ۾ ڀٽائي جا بيت جهونگاريندڙ، پوزيشن هولڊر شاگردياڻي نائلا رند جو پهرين جنوري 2017ع تي سنڌ يونيورسٽي جي ماروي گرلز هاسٽل مان سندس ئي ڪمري ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، واقعي جو کيس سندس والد جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جيڪو هن وقت به اي ٽي سي ڪورٽ حيدرآباد ۾ هلندڙ آهي، واقعي جي جاچ ان وقت جي ايس ايڇ او ڄامشورو طاهر مغل ڪئي هئي، جاچ آفيسر خودڪشي جو ڪارڻ بليڪ ميلنگ قرار ڏنو هو ۽ کيس جو چالان به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، ان سموري معاملي جي سيشن جج حيدرآباد امجد ٻوهيو جي سربراهي ۾ جوڊيشل انڪوائري به ٿي هئي، جڏهن ته ڄامشورو پوليس واقعي ۾ ملوث شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪندڙ انيس خاصخيلي نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو هو، جيڪو ڪجه عرصو جيل ۾ رهڻ کان پوءِ هن وقت تائين ضمانت تي آزاد آهي، شايد ٻين ڪيسن جيان هن ڪيس ۾ به يونيورسٽي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ پوليس جي نااهلي هئي جو هي ڪيس به منطقي انجام تائين نه پهچي سگهيو، بليڪ ميلنگ جا ثبوت هئڻ باوجود جوابدار کي سزا نه اچي سگهي آهي، ساڃاهه وندن جي مطالبن ۽ احتجاجن باوجود واقعي جو فائيل اڃان تائين اي ٽي ڪورٽ ۾ هڪ جج جي ٽيبل تي پيل آهي. نائلا رند واقعي کانپوءِ سندس سهيلي نسيم ملاح صدمي ۾ مسلسل بيمار رهڻ کانپوءِ دم ڏنو هو.