غزه (م ڊ) اسرائيل نئون سال شروع ٿيندي ئي غزه تي بمباري تيز ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 180 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. تازن حملن بعد 7 آڪٽوبر کان هيل تائين فلسطين ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 22 هزار کان ٽپي ويو آهي. جڏهن ته اسرائيلي فوج سڄو سال جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.   زميني ويڙهه ۾ حماس هٿان اسرائيلي فوج به مارجي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب اسرائيل پاران خان يونس شهر ۾ خوفناڪ زميني ويڙهه جاري آهي. رات جو دير سان دنيا نئين سال جي جشن دوران آتشبازي جي ڌماڪان سان گونجي رهي هئي ته غزه ۾ اسرائيل بمباري ڪري رهيو هو. وچ غزه ۾ مغازي ڪيمپ جي هڪ گھر تي اسرائيلي فوج ڊرون حملا ڪيا، جنهن ۾ ٻارن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا. نصيرت جي پناهگير ڪيمپ جي هڪ گھر تي به حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي  فلسطيني زخمي ٿيا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز رات جو دير سان الهندي ڪناري جي مختلف علائقن ۾ به ڇاپا هنيا، فورسز نابلس ۽ جنين ڪيمپ سميت مختلف جاين تي ڪارروايون ڪيون.  ٻئي پاسي رام الله ۾ فلسطينين نئين سال جي شروعات تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙن کي ياد ڪري احتجاج ڪيو. شهرين والاريل الهندي ڪناري تي رام الله ۾ هڪ تمام وڏو بينر تيار ڪيو، جنهن تي غزه ۾ شهيد ٿيندڙ هزارين ماڻهن جون تصويرون ٺهيل هيون. ٻئي پاسي غزه ۾ مستقل جنگبندي لاءِ ڳالهيون جاري آهن. عرب ميڊيا موجب مختلف ملڪن جي ڪوششن سان هلندڙ ڳالهين ۾ مستقل جنگبندي تي اتفاق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.