بيروت/ تل ابيب (م ڊ) لبنان جي ويڙهاڪ تنظيم حزب الله پنهنجي اعليٰ ڪمانڊر جي شهادت جي بدلي ۾ اسرائيل تي هڪ وڏو حملو ڪري ڏنو، 200 ميزائل ۽ ٻن درجن کان وڌيڪ ڊرونز اسرائيل تي وسايا، حزب الله موجب اسرائيل جي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، پنهنجي ساٿي ڪمانڊر جي شهادت جي بدلي ۾ حملو ڪيو آهي، اسرائيل جي 10 فوجي ٺڪاڻن تي 200 کان وڌيڪ راڪيٽ ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن، حزب الله جي سينيئر اڳواڻ هاشم صفي الدين جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو سلسلو هڪٻئي پويان جاري رهندو، يهودي فوج کي لوڏي ڇڏينداسين، اسرائيل جي نون هدفن کي نشانو بڻائينداسين، اهڙا حملا ڪبا جو دشمن سوچيو به نه هوندو. هوڏانهن اسرائيل جو چوڻ آهي ته راڪيٽن ۽ ڊرون حملن جي حزب الله جي دعويٰ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اسان جي فوج لبنان ۾ حزب الله جي هدفن تي حملا ڪري رهي آهي، ٻئي طرف يهودي فوج تقريبن 200 ميزائلن ۽ 20 کان وڌيڪ مشڪوڪ هوائي هدفن جي نشاندهي ڪندي چيو ته هوائي فوج ۽ ويڙهاڪ جهازن ڪيئي حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا، اسرائيل جي ايمبولينس سروس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته حملن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، رڳو ڪجهه هنڌن تي باهه لڳي آهي. يهودي فوج دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي هوائي جهازن راميه ۽ حولا جي علائقن ۾ حزب الله جي فوجي ڍانچي کي نشانو بڻايو. غزه جنگ سبب ايران جي حمايت يافته حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري رهيو آهي جنهن سان هڪ مڪمل جنگ لڳڻ جو خدشو پيدا ٿي رهيو آهي