نئون ڪوٽ (رپورٽر ) سب ڊويزن نئوڪوٽ جي رڻ شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو 22 ميل موري تي ايريگيشن آفيس سامهون ڌرڻو، ٻن ڪلاڪن بعد آبپاشي ايس ڊي او آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، آبادگارن پاران چتاءُ ڏنو ويو ته پندرنهن روزا پاڻي نه مليو ته ٻيهر روڊن تي هونداسين، خبر  موجب نئون ڪوٽ ڀرسان 22 ميل موري تي رڻ شاخ، ڍورو مائنر، ڏيپلو مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ايڪويهون پاڻي ڏيڻ خلاف آبادگارن پاران ايريگيشن آفيس سامهون ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي آبادگار  اڳواڻن عثمان هالو، الهنواز نهڙيو، بابو لنڊ، عبدالرزاق درس ۽ ٻين چيو ته نارا ڪئنال ۾ پاڻي موجود آهي جنهن جي هٿرادو کوٽ ڏيکاري پئي وڃي، جيڪڏهن هن دفعي اسانکي پاڻي نه مليو ته اسانجو پوکيل فصل سڪي تباهه ٿي ويندو ۽ ڪتي جي پوکائي نه ٿي سگهندي جنهن سان اسانکي ڪروڙين روپيا معاشي  نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن نئون ڪوٽ راحيل  ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايس ڊي او ايريگيشن ٻڌايو ته ناراڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري اسان روزا پاڻي نٿا ڏئي سگهون، ايڪويهون پاڻي ڏنو ويندو اگر ائين نه ڪيو ويو ته ڪافي شاخن جون ٽيلون آباد ٿي نه سگهنديون.