نئون ڪوٽ (ن پ ا ) نئون ڪوٽ ڀرسان رڻ شاخ مان نڪرندڙ ڏيپلو مائنير کي لڳل دڪو نامعلوم ماڻھن پاران ٽوڙڻ تي رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جا آبادگار آمهون سامهون اچي ويا، ان ڏس ۾ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن بهادر لنڊ، رياض درس ۽ ٻين ٻڌايو ته ٽن مهينن کان اسان وٽ پوڇڙين ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي جنهن جي ڪري اسان جو پوکيل فصل سڙي تباھ ٿي ويو، جنهن بعد اسان مسلسل پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي رهيا آهيون هن ڀيري به پوڇڙين تائين پاڻي جو گيج پورو نه پهتو ته اسان دانهون ڪيون جنهن تان آبپاشي عملدارن ڏمرجي پاڻي کوٽ لاءِ هلايل احتجاجي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پاڻي چورن سان ملي ڪري پوڇڙي جي آبادگارن کي ماٺ ڪرائڻ ۽ پاڻي کوٽ واري معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هٿ سان  دڪو ٽوڙڻ وارو ڊرامون رچائي آبادگارن کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڏيپلو مائينر کي لڳل دڪو جيئن جو تيئن برقرار آهي جيڪو ناهي ٽوڙيو ويو جڏهن ته آبپاشي عملدار پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ بجاءِ اهڙا ڊراما رچائي آبادگارن کي وڙهائڻ چاهين ٿا، پر  اسان پاڻي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسون، هنن الزام هڻندي چيو ته داروغو سليم مورائي منڍ جي آبادگارن کان لکين رپيا وٺي پاڻي وڪرو ڪري واٽر ڪورسن م رعايتون ڏياريندو رهيو آهي هن وقت اسان جي احتجاجي تحريڪن بعد نالي ماتر رعايتون گهٽ ٿيڻ ۽ رشوت نه ملڻ تي داروغو پوڇڙي جي آبادگارن خلاف سازش ڪري رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري ۾ ملوث عملدارن کي هٽائي اسان جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او آبپاشي سب ڊويزن نئون ڪوٽ ڪانتيش ڪمار ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهن پاران ڏيپلو مائينر جو دڪو ٽوڙيو ويو آهي جنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪلوئي پوليس کي ليٽر جاري ڪيو آهي.