اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي چيو آهي ته نواز شريف جي پنجاب جي انتظاميا مدد ڪئي. ن ليگ اڄ قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي ترجمان ۽ سينئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي رياست، خاص طور تي پنجاب جي انتطاميا جهڙي ريت جلسي ۾ مدد ڪئي، اهو سڀني ڏٺو. اسان اڳ ئي لاڏلي واري ڳالهه اڳ ئي چئي هئي. هن چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته نواز شريف واپس اچي ويو پر هن اليڪشن جي ته ڳالهه ئي نه ڪئي کيس گھربو هوته اليڪشن جي ڳالهه ڪري ها.  کيس يقين هجي ها ته ماڻهو کيس ووٽ ڏيندا ته هو اليڪشن جي ڳالهه ضرور ڪري ها. اڄ شايد نواز شريف جي تاجپوشي هئي. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اسان هميشه چيو آهي ته ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. نواز شريف پنهنجي سي وي پيش ڪري رهيو هو.  ن ليگ پنهنجو بيانيو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته  نواز شريف سنڌ مان ٽرين بڪ ڪرائي ان تي هن پينٽنگ ڪرائي ورتي هئي، جيڪو غير قانوني آهي. نواز ليگ ماضي جي شڪايت نه ڪري، هن ڀيري سليڪشن نٿي ٿي سگهي، ملڪ جي ووٽر جو وڏو انگ نوجوانن جو آهي. جلسو ڀرڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ ووٽ ڀرڻ ٻي ڳالهه.