نئون سال: هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل جي ارادي جا ڪيس داخل ٿيندا

0
232
نئون سال: هوائي فائرنگ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل جي ارادي جا ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ نئين سال جي جشن جي موقعي تي شهر  ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڏکڻ ضلعي ۾ 2250 پوليس اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن

ايس ايس پي ڏکڻ موجب ضلعي ۾ سخت سڪيورٽي قدمن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ گهڻا انتظام ڪلفٽن ۽ ڊفينس سب ڊويزن ۾ ڪيا ويا آهن، پوليس سڪيورٽي کي مجموعي طور تي 9سيڪٽرز تي ٺاهيو ويو آهي

سمنڊ وڃڻ وارن رستن تي هڪ هزار 557 آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندا، ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ قتل جي ارادي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا