بلوچ صحبت علي ايڊووڪيٽ

  هر ماڻهوءَ جي زبان تي اها ڳالهه اڄ ٻڌڻ لاءِ ملي ته”نئون سال مبارڪ“. سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، تي بس اهو ئي راڳ پيو آلاپجي. هر دوست ٻئي دوست سان ملڻ مهل، آفيسن ۾، نوڪرين تي، ڪمن ڪارين ۾ نئين سال جون واڌايون ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪندي، ڀاڪر پائيندي، هٿ ملائيندي، انهن ساڳين لفظن جو اظهار پيو ڪري. پر ڇا هن ڪڏهن زمين جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪري، پنهنجي ڀاءُ کي نئين سال جو واڌايون ڏنيون آهن.

   معمولي ڳالهين تان خوني جهيڙو ختم ڪري اهو چوندي ٻڌو آهي ته ادا تو کي نئون سال مبارڪ هجي. پاڻيءِ جي واري تان هڻي هڪٻئي جا ڀاڱا لاهي ڇڏياسين،  هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي، هڪ ٻئي سان اچڻ وڃڻ، اٿڻ ويهڻ هوندي به ٻارن جي ڳالهه تان هڪٻئي جا ڳڀرو ماري، ڪڏهن ٺاهه جو سوچي اهو ارادو ڪيوسين ته هي اڄ نئين سال جي شروعات آهي، ان ڪري پنهنجون سڀ دشمنيون، رنج، ايذا، جهيڙا جهٽا ختم ڪري اڄ نئون سال ملهايون ٿا. نه اسان ايئن ڪڏهن به ناهي ڪيو. باقي زور نئين سال جي مبارڪن تي. سوچ ساڳي، حال ساڳيا، ڪم ساڳيا، پر نئون سال مبارڪ جي ڌم!. عجيب فارمولو آ.

 اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان سماج جو تعليمي نظام مڪمل تباهه و برباد ٿي ويو آهي. جتي ٻهراڙين، ڳوٺن ۾ اسڪول مينهن، ٻڪرين ۽ ڪتن جا آکاڙا هجن. جتي اسان جي استاد کي پاڻ هِجي ڪرڻ نه ايندو هجي، جتي اسان ماستري واري نوڪري وٺي ويزا تي وڃڻ قبولي، انجواءِ ڪرڻ تي فخر محسوس ڪيون. جتي اسان جو استاد کي  پڙهائڻ جو پڙلاءُ ڪنن تي نه پوي. جتي صدين جو پراڻو، فرسودو نصاب پڙهايو ويندو هجي. جتي تعليم فقط نوڪري  ۽ روزگار لاءِ ڏياري وڃي، جتي ڪاپي ڪلچر عروج تي هجي، جتي پيءَ پٽ کي، دوست دوست کي، يار يار کي، استاد شاگرد کي، شاگرد شاگرد کي ڪاپي ڪرائڻ ۾  وسان ڪين گهٽائي، سڀ پهرا ٽوڙي اندر پهچي ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏياري، اهڙي تباهه ڪن تعليمي معيار جو ذميوار، استاد، شاگرد، والدين پاڻ هجن، اتي اهڙي صديون پٺتي پيل سماج کي نئون سال مبارڪ هجي جون شب ڪامنائون نه ڏيئي سگهجن ٿيون، نه ئي وري وٺي سگهجن ٿيون. تعليم تباهه پر نئون سال مبارڪ!

جتي ڪتن کي خصي ڪرڻ لاءِ اربين روپين جي بجيٽ رکي وڃي، جتي ڇتي ڪتي جي مريض لاءِ اسپتال ۾ سئي اڻلڀ هجي، ۽ ڪنهنجو معصوم ٻارڙو تڙپي تڙپي  هن جي هنج ۾ ئي ساهه ڏيئي ڇڏي، جتي نانگ جي ڪکڻ جي ڪا به سئي نه ملي، جتي سرڪاري اسپتالن ۾ سرنج به ٻاهران گهرائي وڃي، جتي سرڪاري دوائون پرائيويٽ اسپتالن ۾ کپڻ لاءِ موڪليون وڃن، جتي ڳاٽي ٽوڙ دوائون ٻه نمبر ٺهن، جتي ڊاڪٽر بخار جون 10 دوائون ڪمپني کان ڪميشن تي هلائڻ جو ڪاروبار ڪن. جتي لکين روپين جون سرڪاري دوائون غريبن کي نه ڏنيون وڃن، پر انهن کي مدي خارج ڪري، نالي، گٽر ۾ لوڙهو وڃي، جتي ان جي گودامن کي سيل ڪري، ان جي لکن ٻورين ۾ مٽي وجهي وزن وڌايو وڃي، جتي کنڊ، اٽي، ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري، مسڪينن کي پريشان ڪيو وڃي. جتي charity hospitals  جي نالي تي مريضن کان لکين روپيه اوڳاڙيا وڃن.

جتي غريب پنهنجي ٻار جو لاش گڏهه گاڏي، اٺ گاڏي، رڪشا، اسڪوٽر تي کڻائي وڃي ۽ ايمبولنس جو پيٽرول ۽ بجيٽ کي ڪرپٽ ڪامورو هضم ڪري وڃي. جتي ڳورهاري عورت ٻار کي رستي تي ئي اسپتال جي ٻاهران جنم ڏئي ۽ اسپتال ۾ ڪو به بيڊ خالي ناهي جو عذر ڪيو وڃي، جتي ايمرجنسي ۾ مرڪزي ۽ ضلعي اسپتالون رڳو ريفر ڪرڻ لاءِ ئي کليل هجن، جتي ڪنهن کي فرسٽ ايڊ جي به اميد نه هجي، جتي ڊاڪٽر مسيحا گهٽ پر ڪاروباري ذهن وڌيڪ هجن، جتي ڊاڪٽر پئسن تي ڪوڙو سوڙو سرٽيفيڪٽ ٺاهي، ڪنهن مظلوم، بي قصور کي ٻڌائي ڇڏين. اهو سماج مون کي نه ٿو وڻي.

جتي انصاف جو رکوالو منصف انصاف جو دڪان کولي ويهي رهي. جتي رشوت جي بازار گرم هجي، جتي مسڪين جي مدعا نه ٿئي، جتي سالن جا سال ڪيس هلن، جتي اصيل جو ڏيوالو نڪري وڃي، جتي ڏوهاري کي ڪو به ڊپ نه ٿئي، پر فريادي پاڻ خوف ۾ هجي. جتي انصاف جا رکوالا بارگيننگ ڪن. جتي ماڻهو ڪوڙن ڪيسن ۾ سالن تائين قيد هجن، جتي مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اذيتون ڏنيون وڃن. جتي سچ جو اپمان ٿئي، ڪوڙ کي هٿي ڏني وڃي، جتي قاضي کي پنهنجي ڪرسي جي ڳڻتي انصاف کان وڌيڪ هجي. جتي انڌير نگري چرٻٽ راج هجي، جتي ڪوڙ کي سچ ڪيو وڃي ۽ سچ کي ڪوڙ ڪيو وڃي، جتي ڪيمرائن جي باوجود هر ڪو ڏي وٺ ۾ پورو هجي. جتي، پٽيوالا، ڪلارڪ، اسٽينو ڊيل ڪرڻ ۾ مصروف هجن. جتي منصف جو آواز مدعي کان تيز هجي، جتان جون عدالتون دنيا جي ڀيٽ ۾ 122 نمبر تي اچي گوءِ کڻي وڃن. جتي منصف پاڻ انصاف جو طلبگار هجي، جتي منصف پاڻ ناجائزي جو شڪار هجي، جتي هر نئين سال رات جو فائرنگ ڪري بيمارن کي ويتر بيمار، ٻارن کي ڊپ ۽ خوف وارو ماحول ڏنو وڃي. ۽ صبح جو وري زور مبارڪن تي هجي. نئن سال جون واڌايون ڏيڻ ۽ وٺڻ منافقي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟.

مبارڪ ڏيڻ، خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ، اسان کي ان وقت سونهي ٿو، جڏهن اسان جي ڌرتي جو هر ڳوٺ، تعليمي ميدان ۾ مثالي هجي، جتي تعليمي معيار تي ڪو به ڳوٺاڻو Compromise  نه ڪري. جتي ماستر ويزا تي نه هجي، جتي تعليمي شرح 100 کان مٿي هجي، جتي صحت کاتو راشي ڪامورن جي ور چڙهيل نه هجي، جتي ڪو به ادارو ڪاروبار ۾ ملوث نه هجي، جتي ڪيميڪل ملايل  کير ٻارڙن کي نه پياريو وڃي. جتي تعليم کاتو ماهر تعليمدانن جي نگراني ۾ ڪم ڪندو هجي، جتي هزارن جي تعداد ۾ گهوسٽ اسڪول نه هجن ۽ نه ئي وري پوءِ اهي بند ڪيا وڃن. جتي سم نالن جي آڙ ۾ ناڪام منصوبه جوڙي، اربين کربين رپين جي بجيٽ هضم ڪري، اهو ڪم اڌ ۾ نه ڇڏيو وڃي، جتي عدالتن ۾ انصاف، انصاف ٿيندي نظر اچي. جتي ڪو به ڪنهن کي ووٽ ياري باشي، دوستي، مٽي مائٽي جي بنياد تي نه بلڪ اهليت ۽ قابليت تي ڏئي. جتي ٻار کي پرائمري اسڪول کان مذهبي ستي جو ڍڪ نه انسانيت جو درس ملي، جتي انساني خدمت سان ننڍو توڙي وڏو سرشار هجي، جتي رنگ، نسل ذات پات جو ڪو به فرق نه هجي. پر اسين انهن شين کان ڪوهين ڏور آهيون. انهن معاملن ۾ اسان جي ڪا به دلچسپي ناهي. اسان ڪرپٽ معاشري جنم ڏنو آهي، جنهن کي اڏوهي کائي وئي آهي. هي اڏوهي کاڌل سماج ٿي ويو آهي.

صحت تباهه، تعليم تباهه، وڏي ڳالهه ته انسانيت ختم ٿي وئي. پر اسان هر نئين سال جي رات فائرنگ ڪري اهو ضرور ٻڌائينداسين ته نئون سال اچي ويو آهي، ان جي خوشي ۾ فائرنگ ڪري ڪيترائي پکي ماري ڇڏينداسين. ۽ ٻي ڏينهن هڪٻئي کي فخر سان هٿ ملائي چونداسين، ”نئون سال مبارڪ“. انگريزي ۾ هڪڙي چوڻي آهي ته:

The world suffers, not because of   bad  people, but because of the silence of good people.

دنيا، خراب ماڻهن جي ڪري نه ٿي ڀوڳي، پر سٺن ماڻهن جي خاموشي جي ڪري ضرور ڀوڳي ٿي.