نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو کان ڳوٺ ٻانجهي گوپانگ ويندڙ انور عرف اڱڻ گوپانگ ۽  بگن کان سعدوديرو ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان اڻڃاتل هٿياربندن رستو روڪي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي انور عرف اڱڻ گوپانگ کي گولي ۽ بگن کي ڏنڊو ھڻي زخمي ڪري ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻنهي زخمين کي نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي ڪا به سھولت نه ھجڻ ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.