نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ اين ٽي ايس ۽ 2013 ۾ پي ايس ٽي  ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي امجد ڪورائي، هريرام، اڪبر جسڪاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  جيڪڏهن مقرر ڪيل گريوينس ڪاميٽي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي حق ۾ فيصلو نه ڏنو ته اسين سموري سنڌ جي ٽيسٽ پاس اميدوارن سان گڏجي سي ايم هائوس ڪراچي اڳيان ڌرڻو  هڻي پنهنجو حق ضرور حاصل ڪنداسين، هنن چيو ته 9 سالن کان آفر آرڊر جي انتظار ۾ آهيون،  نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.