نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو لڳ لانڍي بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ حاجي فتح محمد جا رھواسي 25سالن جو رامچند، 24سالن جي ملوقان ۽ 4 سالن جو ڀرت ڀيل زخمي ٿي پيا. جڏھن ته نئون دمبالو ويجھو ھئڻ ڪري ايمبولنس کي اطلاع ڏنو ويو پر اڌ ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايمبولنس نه پھت. ٻئي طرف رامچند ٻڌايو ته اسان پنھنجي راهه وٺي اچي رھيا ھئاسين ته اوچتو وين اسان کي ڪراس ڪندي پويان کان موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھڻي ڀڄي ويو ۽ اسان رستي تي ڪري پياسين ۽ رستي ويندن ماڻھن اسان کي اسپتال پھچايو.