سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي 17 اڪائونٽس آفيسرن، سيڪريٽري يونين ڪائونسل ۽ سينيئر ڪلارڪن کي نااھل قرار ڏئي ھٽائي ڇڏيو، ھٽايل اميدوار پنھنجي مقرريءَ کي اسڪروٽنيءَ دوران درست ثابت نه ڪري سگھيا. ھٽايلن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ آفيسر شامل. مڪاني ادارن واري کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. رپورٽ موجب لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ طرفان مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ 17 اڪائونٽس آفيسرن، سينيئر ڪلارڪن توڙي يونين ڪائونسلز جي سيڪريٽرين جي مقرريءَ تي سوال اُٿاريندي کين نااھل قرار ڏئي ھٽائي ڇڏيو آھي. لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل ھڪ آرڊر موجب آفيسر پنھنجي مقرريءَ کي اسڪروٽنيءَ ۾ صحي ثابت نه ڪري سگھيا تنھن ڪري کين ھٽايو ويو آھي. ھٽايلن ۾ ٽائون ڪاميٽي گھوڙا ٻاريءَ جو اڪائونٽنٽ مشتاق احمد، ضلع ٺٽو جي يونين ٽائون ڪاميٽي گھارو جو اڪائونٽنٽ حفيظ اللھ ميمڻ، ميرپورخاص ضلعي جي ٽائون ڪاميٽي ھنڱورو جو اڪائونٽنٽ سھيل اصغر، ٽائون ڪاميٽي نئون ڪوٽ جو اڪائونٽنٽ امجد حسين، ٽائون ڪاميٽي ھالاڻي جو اڪائونٽنٽ توقير رضا گراماڻي، ٽائون ڪاميٽي احمدپور جو اڪائونٽ آفيسر خالد حسين چانڊيو، ٺري ميرواھ يونين ڪائونسل مانڊڻ جو سيڪريٽري محمد ياسين، ٽائون ڪاميٽي نبي سر روڊ جو اڪائونٽنٽ عزت علي رند، ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو مير علي جو بلال راڄپر، ٽائون ڪاميٽي ڪڙيو گھنور جو زبير حسن، ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص جو اڪائونٽنٽ طارق حسين اعواڻ، ٽائون ڪاميٽي باڊھ جو اڪائونٽنٽ آفتاب رضا، ميونسپل ڪاميٽي پيرڳوٺ جو ٽيڪس سپرنٽِنڊنٽ اسد علي، ميونسپل ڪاميٽي دادو جو سنييئر ڪلارڪ منظور احمد، ٽائون ڪاميٽي ھوسڙي جو اڪائونٽنٽ جميل احمد ميمڻ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو اڪائوٽنٽ عبدالشڪور ۽ ٽائون ڪاميٽي راڄو خاناڻي جو اڪائونٽنٽ اختر علي ٿيٻو ۽ ٻيا شامل آھن. جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڄاڻايل آفيسر پنھنجي مقرريءَ کي درست ثابت ناھن ڪري سگھيا، انھن جي مقرريءَ بابت اسڪروٽني به ڪئي وئي جنھن ۾ انھن جي مقرريءَ درست ثابت ناھي ٿي، تنھن ڪري کين نااھلي قرار ڏئي عھدن تان ھٽايو ويو آھي. ھٽايلن ۾ 11 کان 16 ھين گريڊ ۾ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا. ذريعن جو چوڻ آھي ته اِن کان اڳ به ھٽايل آفيسيرن کي عھدن تان ساڳي جواز سبب ھٽايو ويو ھو پر سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ٻيھر عھدن تي مقرر ٿي ويا ھئا، ذريعن موجب حڪومت طرفان کين ھٽائڻ ۽ ڄاڻايل آفيسرن جي مقرري تي سوال ته اُٿاريا ويا آھن پر ٻيھر اِھي آفيسر بحالي لاءِ پنھنجا اثر رسوخ استعمال ڪندا.