ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) گھوٽڪي سان تعلق رکندڙ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جي فريال ٽالپر سان ڪراچي ۾ملاقات ڪري گھوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال، مڪاني چونڊن ۽ سياسي جوڙ توڙ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون، ملاقات دوران خالد لنڊ پاران فريال ٽالپر کي گھوٽڪي جي ترقياتي ڪمن، صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن جي روزگار سميت ٻين معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب فريال ٽالپر پاران خالد لنڊ کي ضلعي ۾ اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ ۽ مڪاني چونڊن جي تياري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. ملاقات جي حوالي سان پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر سان ملاقات ۾ ، ضلعي جي مسئلن ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. هن چيو ته گھوٽڪي ضلعو صنعتي زون آهي، اهو ڪروڙين رپيا ٽيڪس ڏئي ٿو، ضلعي جا نوجوان بيروزگار آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي نوجوانن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.