اڏيرولال وليج (ن پ ا) اڏيري لال وليج جي ڄاموٽ پاڙي واسڻ مسڪان ڌيءُ روشن مغل پنهنجي امڙ نذيرا ۽ ڀاءُ محسن مغل سان گڏجي سهري غلام نبي خاصخيلي ۽ مڙس سيرت خاصخيلي خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 15 مھينا اڳ منهنجي شادي سيرت خاصخيلي سان ٿي هئي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سهري ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ زور ڀريو، انڪار ڪرڻ تي تشدد ڪيو ويو، مڙس کي دانهن ڏني، منهنجي مڙس به سندس پيءُ کي خوش ڪر ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، هن چيو ته منهنجي ڀاءُ خلاف ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي وئي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽  ايس ايس پي مٽياري کي اپيل ڪئي ته مڙس ۽ سهري خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.