مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي  سگهيو، هڪ ئي رات ٽي ڦرلٽ جون وارداتون ٿيون آهن،  هڪ هفتي دوران 12 کان مٿي چورين ۽ ڦرن جون وارداتون رڳو مٽياري ٿاڻي جي حد مان ٿيون آھن، جنهن ۾ رات دير سان شگر مل  جي شفٽ کڻي ويندڙ سوزڪي ۾ سوار مسافرن گلزار ڀنڀرو ٻين کان روڪ رقم موبائيل فون ٻيو قيمتي سامان هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته ساڳئي هنڌ بچل ڏيٽا پوليس پوسٽ ڀرسان درمون ڪولهي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي، شهر ۾ به ڪيول باگڙي جي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا،  مير حسن پاڙي مان به ٽائِيم نيوز ۽  پنھنجي اخبار جي ڪئميِرامين جواد ميمڻ جي موٽر سائيڪل به چوري ٿي وئي هئي. ان کان اڳ قربان ملاح کان هٿياربند موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، علائقي واسين موجب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.