مٽياري (رپورٽر)  مٽياري ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ برسات متاثرن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر ۾ سخت گرمي ۾ 12 کان 15 ڪلاڪ غير اعلانيل لوڊشيٽنگ سبب رليف ڪئمپن ۾ رھيل متاثر سخت پريشان  آهن.  ان ڏس ۾ مٽياري ۾ حيسڪو انتظاميا پاران 12 کان 15 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ برسات متاثرن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار باوجود شھر ۾ 12 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب رليف ڪئمپن ۾ ترسيل برسات متاثر سخت عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن حيسڪو انتظاميا توڙي پيپڪو پاران مٽياري ضلعي لاءِ اعلانيل 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ باوجود مٽياري شھر ۾ ايڏي وڏي لوڊشيڊنگ سبب عام شھري به پريشان آھن شھرين جو چوڻ ھو ته ھڪ ته گھرن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي اٻ ٻيو وري شديد گرمي ٽيون مڇرن جو آزار   مٿان وري سڄو سڄو ڏينھن بجلي بند اسان لاء ته ھنن عذاب ڪري ڇڏيو آھي اڃان برساتن جي مشڪلاتن مان نه نڪتاسين ته مٿان وري حيسڪو وارن جا ظلم آخر اسان عوام وڃون ڪيڏاھن ھتي ھر اداري جو آفيسر اسان لاء ايگزيڪٽو ٿيو ويٺو آهي ڪو آفيسر اسان جي ٻڌڻ لاء تيار ناھي شھرين جو چوڻ ھو ته اسان حيسڪو چيف توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته خدارا اسان جي ھن عذاب مان جان ڇڏائي وڃي خدارا ھن ڪرپٽ ايس ڊي او واپڊا مٽياري کي ھٽائي ڪنھن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري اسان جي عذاب مان جان ڇڏائي وڃي.