مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان شاھپوردرپور ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان  چانڊيا ۽ خانزادا برادريء جي ٻن ڌرين وچم جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مٽياري آندو . پوليس موجب زخمين ۾ رضوان خانزادو، عمران، آفتاب، محمد علي خانزادو، قادربخش چانڊيو، عبدالمجيد، شهزاد ،عبدالماجد چانڊيو ۽ اسلم گبول شامل آهن.  سڀني زخمين کي تعلقي اسپتال مان فرسٽ ائيد ڏيڻ بعد حالت خراب هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.