مٽياري (رپورٽر) مخدوم زاهد علي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو منهنجي بابا مخدوم غلام محمد جي ملڪيت تان منهنجي ڀائرن سان تڪرار هلندڙ آهي جنهن جو ڪيس هالا سول ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، مون کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، بابا جي ملڪيت جي شريعت محمدي موجب ورهاست ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ چون پيا جيڪا ملڪيت اسين توکي ڏيون اها رکو، وڌيڪ گهر ڪئي ته توکي تنهنجي اولاد کي ماري ڇڏينداسين ،آئون هن وقت پنهنجي پڦي جي گهر رهان ٿو، منهنجي پڦي لالا بيبي حاتل تي پڻ حملو ڪري چڪا آهن، منهنجي پڦي لالا بيبي حاتل اڻ پڙهيل آهي، ان کان ڪوڙيون صحيح وٺي ان ڪمرشل زمين تي قبضو ڪري هڪ غير آباد زمين هن کي ڏئي رهيا آهن، منهنجي بابا جي ملڪيت تي قبضو ۽ مون کي ڌمڪيون ڏيندڙ منهنجا چاچو مخدوم مشتاق ۽ منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، جن مان مون کي ۽ منهنجي اولاد، گهرواري ۽ پڦي کي جان جو خطرو آهي، آئون چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي مٽياري کي اپيل ٿو ڪيان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.