مٽياري(رپورٽر ) ايس ايس پي مٽياري ٽن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي، بدلي ٿيلن ۾ ايس ايچ او مٽياري، اڏيرولال اسٽيشن ۽ نور ڪيٽي شامل آهن، جڏهن ته ايس ايچ او مٽياري کي اڏيرولال اسٽيشن ۽ اتان واري ايس ايچ او کي مٽياري ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ نور ڪيٽي ٿاڻي تان ايس ايچ او کي هٽائي لائين ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ اتي خير محمد کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي.