مٽياري (رپورٽر) ڄاموٽ هائوس مٽياري تعلقي جي صوبائي تڪ پي ايس 57 مٽياري تعلقي جي رهائشي کي پ پ جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ڄاموٽ هائوس جي ترجمان پيپلزپارٽي کان مطالبو ڪيو آهي ته هن ڀيري پ پ جي ٽڪيٽ پي ايس 57 واري تعلقي مٽياري جي رهواسي اميدوار کي ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ اين اي واري تڪ تي به پيپلزپارٽي اميدوار کي کٽڻ ۾ ڏکيائون پيش اينديون،  ياد رهي گذريل ڪيتري عرصي کان مٽياري تعلقي واري سيٽ هالا جي مخدومن حوالي ڪئي ويندي آهي،  اهڙو مطالبو ڪندڙ سيد نويد حيدر شاهه ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ۽ پيپلزپارٽي پارٽي سينيٽر سيد محمد علي شاه جو ترجمان پڻ آهي، ذريعن موجب تازو ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم فخر الزمان پاران بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات بعد اهي چئو ٻول گردش ڪري رهيا آهن ته پي ايس ٽي ٽڪيٽ مخدوم حوالي ڪئي ويندي.