مٺي (رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف ٿر پاران شهيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس مٺي ۾ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن وارو ميگا فيملي فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو، تعليمي ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي مسرت منگي چيو ته ٿر جي ٻارڙن ۽ فيمليز کي تفريح جا موقعا بلڪل نٿا ملن، آرٽ ڪائونسل آف ٿر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيملي فيسٽيول لڳائي موقعو فراهم ڪيو آهي، ڪملا پونم چيو ته انتهائي خوشي ٿي آهي ته نوجوانن گڏجي ٿر جي فيمليز لاءِ شاندار پروگرام منعقد ڪرايو آهي، ان موقعي تي مختلف اسڪولن جي ٻارڙن سنڌي لوڪ گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، آرٽ، ڪلچر ۽ لٽريچر سيشن ۾ ليکڪه گل بدن جاويد، پشپا ڪماري، روشن راجاني ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ عورتن آپا ڪملا پونم، لڪشمي ڀيل، سارا جاويد، حميرا نور، گلبدن جاويد، پشپا ڪماري، صنوبر گل، شڪيلا نون، شبينا راهو ۽ روشن آرا ءِ کي ايوارڊ ڏنو ويو.