مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو ڳوٺ سوڀارو شاهه ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي، جنهن ۾ سيد برادري  جا ڪچا پڪا 150 گهر سڙي رک ٿي ويا، جن جا گهر سڙي ويا انهن ۾ مشتاق، مريد شاھ، شاهنواز شاھ، نعيم، بشير، چنڱل، مصطفيٰ، منور، ٻڍل شاھ، ايمان، محمد شاه، صدام حسين،  دلبر، جاويد، گل حسن، الطاف، خالد حسين، رحيم، داون، سرمد شاه، ارشد شاھ ۽ ٻيا شامل آھن، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ضابطو اچي نه سگهيو، متاثرن موجب باهه سبب گهرن اندر پيل روڪ رقم، نياڻين جو ڏاج، کٽون، بسترا ۽ اناج سڙي ويو آهي، جڏهن ته ٻڪريون به سڙي مري ويون، بعد ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ ٿرڪول کان آيل فائربرگيڊ عملي باهه تي ضابطو آندو،