لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته صوبائي اسيمبليءَ مان پاس ڪيل ساک کي نقصان رسائڻ واري قانون ۾ ميڊيا جو تمام گهڻو احترام ڪيو ويو آهي پر ميڊيا چوي ته اسان ڪوڙ ڳالهايو ۽ پڪڙيا نه وڃون، ائين نه ٿيندو. لاهور ۾ اتحاد بين المسلمين ڪانفرنس کي خطاب دوران مريم نواز سوات واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته اڄڪلهه مذهب جي بيحرمتي جون تمام گهڻيون شڪايتون اچي رهيون آهن، وڌندڙ واقعن جي سببن جو جائزو وٺڻو پوندو. هن چيو ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ڪو ڏوهه ثابت ٿيندو آهي ته جوابدار کي قانون جي حوالي ڪرڻ گهرجي، تنهنڪري قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ ۽ پنهنجي عدالت روڊن تي لڳائڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي، جيڪو مذهب خلاف واويلا ڪري ٿو اِهو سڀ کان وڏو ڏوهاري آهي. ساک کي نقصان رسائڻ بابت مريم نواز جو چوڻ هو ته پنجاب اسيمبليءَ جي پاس ڪيل قانون ميڊيا جو تمام گهڻو احترام آهي پر ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ، بنا ثبوت تهمت لڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيرعليٰ وڌيڪ چيو ته الزام لڳائيندڙ ثبوت پيش ڪندو ته معاملو ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن بدنيتي جي بنياد تي الزام مڙهيو ويو يا ڪوڙ ڳالهايو ويو ته ان جي سزا به ملندي، هر مهذب معاشري ۾ اِهو قانون آهي