ميرپورماٿيلو (ن پ ا) مبينا طور جعلي بل ٺاهي رقم ڪڍرائڻ جي الزام هيٺ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي ميونسپل آفيسر زاهد علي نائچ کي معطل ڪيو ويو آھي. سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ آرڊر جاري ڪري ميونسپل ڪاميٽي ميرپورماٿيلو ۾ مقرر 17هين گريڊ جي آفيسر زاهد نائچ کي معطل ڪري، سندس خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آھي. جاري ڪيل آرڊر موجب سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ٽو کي ميونسپل آفيسر زاهد علي نائچ خلاف جاچ ڪري 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.