ميهڙ/ نئون ڳوٺ (ن پ ا)سيڪنڊ سول مئجسٽريٽ ميهڙ مجيب الرحمان ڦلپوٽو جي عدالت نئون ڳوٺ شهر مان عباسي ڪميونيڪيشن شاپ مان چوري جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن نعيم عرف بينو پٽ حاڪم علي، سهيل پٽ محمد مٺل، بابر عرف صابر پٽ منظور ، عمر عرف دود پٽ حيات پيرزادو کي اڍائي _ اڍائي سال قيد ۽ ڏه .ڏه هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، فيصلي بعد جوابدارن کي جيل موڪليو ويو،سزا ٻڌايل جوابدارن تي نئون ڳوٺ ٿاڻي تي نئون ڳوٺ شهر مان عباسي ڪميونيڪيشن شاپ مان فريادي مولابخش عباسي جي فرياد تي6مئي 2021ع تي چوري جو ڪيس داخل ٿيل هو فريادي جي وڪيل ايڊووڪيٽ عابد ڪلهوڙو جي دليلن کان پوءِ چوري ثابت ٿيڻ تي چئني جوابدارن کي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو آهي