ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪلهوڙا پاڙي مان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ميزان بئنڪ مان پئسا کڻي ويندڙ واپارين وزير مهيسر ۽ بخشل مهيسر کي يرغمال بڻائي 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثرين پاران  وزير مهيسر، سليم مهيسر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويون آهن، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.