ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربند  اعجاز گھانگھرو کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل،80 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي جوابدارن جو پيڇو ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ پڪڙيو ويو، جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ ٻيٽو جتوئي جي رهواسي عادل جتوئي طور ڪئي وئي، جڏھن ته فائرنگ دوران ڳوٺ ڀرسان راند کيڏندڙ 8 ورھين جي نينگري زھرہ گانگھرو پڻ زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته عادل جتوئي عادي ڏوھاري آھي.