ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ انور کوکر  پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته منهنجي ڀاءُ منور کوکر  کي 8 ڏينهن اڳ منهنجي جڳهه تي زبردستي قبضو ڪندڙ جوابدارن ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تان منهنجي ڀاءُ  منور کوکر کي خيرپور ۽ ڪڪڙ ڀرسان اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جي آخري لوڪيشن ٻيلو پتڻ کان پوءِ گم آھي،  پر 8 ڏينهن گذرڻ بعد پوليس منهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو هن چيو ته اسان پاران شڪ ڏيکاريل جوابدار اسان کي ڌمڪائي رهيا آھن قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آھن هن چيو ته منهنجي ڀاءُ جي اغوا ڪري گم ڪندڙ جوابدار روپوش آھن پوليس انهن جي گرفتاري لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو جوابدار سرعام ڌمڪائي رهيا آھن هن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان روپوش جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪندي پنهنجي ڀاءُ منور کوکر کي بازياب ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي.