ميھڙ(ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا ويجهو ڳوٺ باگو جلباڻي ۾ شر ۽ جلباڻي برادري ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪي پيو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 60 ورھين جو پيرسن صدورو جلباڻي قتل ٿي ويو سندس پٽ رحيم جلباڻي زخمي ٿي پيو. لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو. پوليس موجب شر ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي پرڻي تان تڪرار ھلندڙ ھو جنھن تان ڪجھ مھينا اڳ خير محمد شر کي قتل ڪيو ويو ھو ۽ ناري ثمينه جلباڻي پڻ قتل ٿي چڪي آھي جڏھن تہ واقعو پلاند طور ڪرڻ جو ٻڌايو پيو وڃي. علائقي ۾ ھلندڙ فائرنگ سبب خوف پکڙجي ويو ۽ ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آھن. تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ مقتول پيرسن جي پٽ عبدالجبار جلباڻي ٻڌايو ته سھڻو کوسو، عطر ۽ وزير کوسو اوطاق تي اچي بابا ۽ منھنجي ڀاء کي ٻاھر گھرايو جنھن کان پوء اڙ ڏئي ويٺل وحيد، مبارڪ، ميھر ۽ ڄام شر فائرنگ ڪئي. ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.