ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) اليڪشن ڪميشن پاران پي ايس 81 ميهڙ تي قائم ڪيل پولنگ اسٽيشن مان 13 پولنگ اسٽيشن بجلي پاڻي، فرنيچر، چوديواري ۽ واش روم کان محروم آهن ميهڙ جي پي ايس 81 تي ڪل 158 پولنگس مان پوراچو، مسو ساهڙ، جاني چانڊيو، شير محمد چانڊيو، دلو کوکر، حسين ڏيپر،کهڙا، شيرو ڏيپر، رحمو تنيو، رحيمداد سوهو ون ۽ ٽو، اميدديرو، انبار جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٿيندڙ پولنگ اسٽيشن ۾ ڪا به بنيادي سهولت ناهي، ڄاڻايل پولنگ اسٽيشن ۾ بنيادي سهولت سان گڏوگڏ انهن اسڪولن جي عمارتن جي حالت خراب آهي، جڏهن ته وڌيڪ 20 اسڪولن جي حالت به انتهائي خراب آھي جنھن ۾ اليڪشن جي ڏينھن عملي کي وڏين مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو اليڪشن ڪميشن پاران اختيارين کي انهن اسڪولن لاءِ فوري طور قدم کڻڻ ۽ سهولتن مهيا ڪرڻ لاءِ لکيو هيو پر اليڪشن ڪميشن جي انهن سفارشن تي ھن وقت تائين عمل ناهي ٿي سگهيو ميهڙ ۾ ٻوڏ جي تباهي ڪارين سبب ميهڙ جا اڪثر اسڪول تباهي جي ور چڙهيل آهن عمارتن جي حالت خراب هجڻ ۽ اسڪولن اندر بنيادي سهولتن جي نه هجڻ سبب اليڪشن ڪميشن کي پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ ۽ انهن ۾ سهولت ڏيڻ مسئلو بڻيل آهي ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ريٽرننگ آفيسر ميھڙ ٻڌايو ته آر او ۽ ڊي آر او پاران ايجوڪيشن ورڪس کي مذڪورہ پولنگ اسٽيشن جي مرمت ۽ سھولتن لاء لکيو آھي ۽ انھن کي سختي سان ھدايتون جاري ڪندي چيو ويو آھي ته انھن اسڪولن جي جلد کان جلد مرمت ڪري عارضي سھولتون مھيا ڪيون وڃن ۽ ٽينٽ وغيره جو بندوبست ڪرڻ سان گڏوگڏ پولنگ اسٽيشنز کي بھتر بڻايو وڃي.