ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي خان چنو ۾ احمد علي چنو جي سرپئنچي ۾ بنگلاڻي لنجواڻي برداري ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ٿيو، صدام حسين ٻرڙو، جھانگير بنگلاڻي ۽ ٻين چڱن مڙسن شرڪت ڪئي،  جرڳي ۾ دين محمد بنگلاڻي ۽ غلام قادر لنجواڻي جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، دين محمد بنگلاڻي ڌر مٿان ڪارنھن الزام جو 17 لک ڏنڊ وڌو ويو، موقعي تي ھڪ لک ادا ڪيو ويو، لنجواڻي برداري پاران اڍائي لک معاف ڪيا ويا، بقايا رقم ٻن مھينن ۾ ادا ڪئي ويندي، ياد رھي ته اڳ به ڪارنھن جو جرڳو احمد علي چنو جي سرپئنچي ۾ ٿيو  هو،  جنھن ۾ 4 لک ڏنڊ وڌو ويو هو، رقم نه ڏيڻ تي ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان عمران بنگلاڻي شھر ۾ گھمڻ تان  جھيڙو ٿيو ھو، ڌرين جا 14 ماڻھو زخمي ٿيا ھئا، ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ميرپورٻرڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل پڻ ڪرايا ھئا.