ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف ڌرڻو جاري

0
30

May be an image of 2 people, dais and text

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قتل خلاف لڳل ڌرڻو ٻن ڏينهن کان جاري آهي

شهيد صحافي نصر ﷲ گڏاڻي جي قتل خلاف ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ٻاهران لڳل ڌرڻو ڪالهه کان جاري آهي

شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي امڙ جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ صحافين، سول سوسائٽي سميت سوين ماڻهن جي شرڪت، معصوم ٻارڙا به موجود

May be an image of one or more people and crowd

شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ جو چوڻ هو ته 18ڏينهن گذري ويا پر هن مهل تائين پٽ جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، جيستائين انصاف نه ملندو ڌرڻو جاري رهندو

ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ هو ته هي تحريڪ جاري رهندي، شهيد جي قاتلن جي گرفتاري تائين روڊن تي هونداسين

اڳواڻن جو چوڻ هو ته جوڊيشل ڪميٽي هاءِ ڪورٽ جي  حاضر سروس جج جي صورت ۾ هوندي  ته قبول ڪنداسين