ميرپور ماٿيلو (ن پ ا ) ميرپور ماٿيلو پوليس صادق آباد واسي ڪٽنب کي گرفتار ڪري،  منشيات ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ميرپور ماٿيلو جي بس اسٽينڊ تان پوليس ھڪ ئي خاندان جي نينگر، 2 نينگرين هڪ عورت ۽ هڪ مرد کي گرفتار ڪيو، جن کي ميڊيا کان لڪائي ڳجهه ڳوهه ۾ ٿاڻي تي آڻي  ھڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، جن جي سڃاڻپ توڙي گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ آهي ته عورتن سان گڏ مرد کان هيروئن جون 20 پُڙيون هٿ آيون آهن.