ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري ۾ بدامني خلاف واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي 17 فيبروري تي علامتي بک هڙتال جو فيصلو ڪيو ويو، شهري اتحاد جي فقير محمد علي، واپاري ايسوسيئيشن جي صدر عبدالغفور ميمڻ، ايس ٽي پي جي عبدالغني ملاح، شهري اڳواڻ ڊاڪٽر محبوب خواجه، ڪرشن ڪمار، تابع علي قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن پاران بدامني خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، انهي کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته ميرپوربٺورو ۾ بدامني سبب روزانو ڏوهي وارداتون معمول بڻجي ويو آهي ۽ واپاري توڙي شهري غير محفوظ بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته شهر واسين جي احتجاج باوجود پوليس پاران ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي، هنن چيو ته بدامني تي ضابطو نه آيو ته 17 فيبروري تي مين بس اسٽاپ تي احتجاجي علامتي بک هڙتال، 21 فيبروري تي علي بندر چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪڏهن اڃا به امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي ته 27 فيبروري تي ميرپوربٺورو ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي.