ميرپوربٺورون پ ا) آسپاس وڌندڙ بدامني ۽ ڊي سي آفيس جي ڪلرڪ کان ڦر واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،شاهنواز ،اشرف ،يوسف ڪنڀار ،جبار،مولوي طفيل کٽي، ڪاشف خواجه جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ شير خان لنڊ کان ميرپوربٺورو تائين 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو ،مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي پارٽي، واپاري ايسوسيئيشن،جي يو آئي پ ٽ الف، گسٽا ،نوجوان زئور اتحاد ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميرپوربٺورو جا روڊ ۽ رستا ڏوهارين حوالي ٿيڻ سبب ڏينهن ڏٺي جو ڦر وارداتون معمول بڻجي ويون آهن ۽ روزانو ٻه کان ٽي وارداتون ٿين ٿيون جنهن سبب علائقي واسي موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون کان محروم بڻجي رهيا آهن ليڪن انتظاميا مڪمل طور تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته ايس ايس پي سجاول امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويئي آهي، جنهن سبب کيس فوري طور تي هٽايو وڃي، هنن چيو ته ميرپوربٺورو ۾ ڦر واقعن تي ضابطو آڻي سردار لنڊ سميت شهرين کان ڦر واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي سجاول آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.