ٺٽو (رپورٽر) ميرپور ساڪري ڀرسان ڳوٺ مرزا خان گبول ۾ بااثر ڳوٺ جي پڪي روڊ کي ڪٽي رڪاوٽن وجھڻ واري عمل خلاف رھواسين نور زمان گبول ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندن ڳوٺ جي پڪي روڊ کي ڳوٺ جي بااثر رھواسين پنھنجي ماڻھن سان گڏ روڊ بند ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته بااثر سروي زمين توڙي ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، بااثر 2 سئو گھرن جو رستو بند ڪري سراسر ناانصافي ڪئي آهي پر پوليس فرياد وٺڻ لاءِ تيار ناھي، ابتو بااثر جي چرچ تي اسان مٿان ڪيس داخل ڪيا آھن، هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڳوٺ جو بند ڪيل رستو بحال ڪرائي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.