ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري جي بگھاڙ واهه جي 133 جي ريگوليٽر واري ڊٺل پل گذريل ٽن مھينن کان ٺھي نه سگهي، مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستو بند هئڻ سبب رھواسي سخت پريشان. ميرپور ساڪري جي بگھاڙ واهه جي 133 ريگيوليٽر جي مين پل گذريل ٽن مھيـنن کان ٺھي نه سگهي جنهن جي ڪري گذريل ٽن مھينن کان مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ ماڻهو سخت پريشان آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ڳوٺاڻن نانا شيخ، اسماعيل راڄواڻي، ناٿو خان حمراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن مھينن کان پل ٽٽي پئي آهي پر ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن کي باربار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، 133 ريگيوليٽر جي پل ٽٽڻ سبب سوين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستو بند ٿي ويو، جنهن سبب سخت پريشان آھيون. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پل تعمير ڪرائي ڏني وڃي جيئن پريشانين کان بچي سگهون.