ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ 24 معصوم ٻارڙا ايڊز ۾ مبتلا ھئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. خبر موجب ميرپورخاص اندر صحتمند والدين جي معصوم ٻارڙن ۾ ايڊز جھڙي خطرناڪ بيماري ظاھر ٿيڻ باوجود صحت کاتو ايڊز جي وڌڻ جا سبب ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. نه ئي اڃا تائين اھو طئي ٿي سگھيو آھي ته اھي ٻار ڪيئن ايڊز ۾ مبتلا ٿيا؟ گذريل ڏينھن ضلعي اندر سوين عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن مان رڳو 4 کي سيل ڪيو ويو. جڏھن تھ ڪيتريون ئي ڪلينڪس اڃا به ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ھلندڙ آھن. ايڊز ۾ مبتلا مريضن جي علاج لاءِ قائم آءِ آر ٽي سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر ليکراج مھيشوري تصديق ڪئي آھي ته وٽن 24 ٻارڙا رجسٽرڊ آھن، جن جا والدين تھ صحتمند آھن پر اھي ٻارڙا ايچ آءِ وي (ايڊز) ۾ مبتلا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 3 ٻار اڳ ئي فوت ٿي چڪا آھن. ايڊز ۾ مبتلا ٻارڙن ۾ 2 سانگھڙ جا آھن. ڊي ايچ او ميرپورخاص ڊاڪٽر جئه رام ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ جن علائقن ۾ ڪيس ظاھر ٿيا آھن، انھن جياسڪريننگ لاءِ اختيارين کي لکيو آھي.