ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ دوران بدنظمي، ڪيترن ئي پاس ميل ۽ فيميل اميدوارن جا نالا لسٽ مان غائب،  ڊي اي او آفيس ۾ احتجاج، نعريبازي، آفر آرڊر ملي نه سگھيا، پروگرام ملتوي، خبر موجب آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ تعلقي ميرپورخاص ۽ تعلقي حسين بخش مري جي ميل ۽ فيميل  اميدوارن کي ڪالهه آفر آرڊر ملڻا ھئا، ھڪ ڏينھن اڳ جاري ڪيل لسٽ ۾ پاس اميدوارن جا نالا ھئا پر بعد ۾ خبر پئي ته لسٽ مان ڪيترن ئي ميل ۽ فيميل اميدوارن جا نالا ڪڍيا ويا آهن، ان ڏس ۾ اميدوار ڪالهه ڊي اي او آفيس پھتا ته تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ۽ فوڪل پرسن عزيز شورو اميدوارن کي مطمئن نه ڪري سگھيو، جنھن بعد اميدوارن آفيس اندر احتجاج ڪيو ۽ آفر آرڊر وڪرو ڪرڻ جا الزام هنيا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مبيرا ميمڻ جو چوڻ ھو ته هن پي ايس ٽي مان 68 مارڪون کنيون،  يو سي 1۾ منھنجو لسٽ ۾ ٽاپ تي نالو ھو، پر گذريل رات اچانڪ لسٽ تبديل ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي لسٽ ۾ سندس نالو ئي ناهي، جڏھن ته ڪيترين ئي ڇوڪرين جا نالا لسٽ ۾ ھئا جن جون مارڪس به گھٽ ھيون، يوسي 8 جي اميدوارن عضمه، تحرين محمود، مديحه آفتاب، شھزين، راجيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته اڳ واري لسٽ ۾ سندن نالا ھئا پر ھڪ ئي رات ۾ لسٽ تبديل ڪئي وئي آهي، ھنن الزام هنيو ته پنھنجا نوازي تحت نالا ڏئي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي ٽيسٽ پاس ڪندڙ معذور ۽ اقليتي اميدوار ماڌوري ٻڌايو ته هن 39 مارڪون کنيون جڏھن ته اقليتي ۽ معذور ڪوٽا تحت 33 مارڪس کڻندڙن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن، هن چيو ته سندس حق تي ڌاڙو هنيو ويو آهي،