ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ 2 معصوم ٻارن سميت جوڙي بااثرن خلاف احتجاج ڪندي معصوم نياڻي کي عمرڪوٽ ۾ قيد رکڻ جو الزام هنيو آهي، ان ڏس ۾ عورت سماڻي ۽ سندس مڙس رسول بخش رونجھو دانهيو ته 12 ورھين جي پروين عمرڪوٽ ۾ پنهنجي مامي جي وفات تي ويل ھئي، جتي بااثرن نياڻي کي زبردستي روڪي ڇڏيو آھي ۽ شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيوته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار خاصخيلي ٻڌايو آھي ته اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي ڏسي معاملي جي جاچ ڪرائي آھي، معصوم نياڻي پروين پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي مامن وٽ ويٺي آھي،  سندس امڙ يا والد عمرڪوٽ اچي درخواست ڏين ته معصوم نياڻي کي گھرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.