ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس 9مھينا اڳ چوري ٿيل 2 ڪارون ھٿ ڪري ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  9مھينا اڳ ميرپورخاص شھر  جي مختلف علائقن مان 2 ڪارون چوري ٿي ويون ھيون، ڳجهي اطلاع تي مھراڻ ٿاڻي جي حد مان بدين واسي جوابدار جمن جوڻيجو کي گرفتار ڪري سندس نشاندھي تي  ھڪ ڪرولا ۽ هڪ ڪوري ڪار کي ھٿ ڪري اصل مالڪن محمد وسيم قريشي  ۽ عبدالرزاق صديقي جي حوالي ڪيون، هن چيو ته جوابدار جمن جوڻيجو جي ٻين ساٿين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.