ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) قريشي پيٽرول پمپ ڀرسان ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار ارشاد احمد ملڪ عرف گولڊ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال داخل ڪيو ويو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي پوليس اهلڪار رات جو ڊيوٽي ڪندو هو جيڪو ڊيوٽي ڪرڻ دوران ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيو هو، ڪار حادثو ڪندڙ ڪار سوار 2 ننڍي عمر جا ڇوڪرا هئا، پوليس ننڍي عمر جي ڇوڪرن کي آزاد ڪري ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، هوڏانهن شهيد پوليس اهلڪار جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ دوران ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد علي سول اسپتال پهتو جتي شهيد پوليس اهلڪار جي لاش کڻائي گهر رواني ڪرائي ايس ايس پي موجب ته کيس پوليس اهلڪار جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع مليو جنهن تي ڏک ٿيو آهي معاملي بابت ايس ايچ او سخت حڪم ڏنو آهي جلد جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي.