ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميونسپل ڪارپوريشن ميرپور خاص ۽ ٽائون ڪاميٽي شجاع آباد جي تڪبندين خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت طرفان جواب داخل ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 جون تائين  ملتوي ڪري ڇڏي، سيد انور علي شاهه ۽ ٻين پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن طرفان لا آفيسر عبدالله هنجرا جواب داخل ڪرايو، جڏهن ته سنڌ حڪومت پڻ جواب داخل ڪرايو،  ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پٽيشنر  پاران گهريل رليف سنڌ حڪومت کي ڏيڻو آهي. اليڪشن ڪميشن جي لا آفيسر پڻ چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت اهو معاملو هاڻ صوبائي حڪومت کي ڏسڻو آهي،  اربن ايرياز جي ٻيهر جوڙجڪ صوبائي حڪومت جو اختيار آهي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص جي نئين جوڙجڪ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي ڀڃڪڙي آهي، تعلقي شجاع آباد جي ٽن يوسيز کي پهريان جيان بحال ڪيو وڃي.