ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل رليف جو سامان وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار تعلقي حسين بخش مري جي مختيارڪار عبدالقيوم لغاري خلاف اينٽي ڪرپشن سرڪل ميرپورخاص ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد مختيار ڪار کي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت درخواست منظور ڪندي مختيارڪار کي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اينٽي ڪرپشن پوليس سرڪل ميرپورخاص ۾ لاڪپ نه ھئڻ سبب مختيارڪار کي ٽائون پوليس ٿاڻي جي لاڪپ ۾ رکيو ويو آھي.