ميرپورخاص ضلعي ۾ گيسٽرو جا ھاڃا، وڌيڪ ڪيترائي ٻار مبتلا

0
192
ميرپورخاص ضلعي ۾ گيسٽرو جا ھاڃا، وڌيڪ ڪيترائي ٻار مبتلا
ميرپورخاص ضلعي ۾ گيسٽرو جا ھاڃا، وڌيڪ ڪيترائي ٻار مبتلا

ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص ضلعي ۾ گيسٽرو جا ھاڃا جاري آهي، 10 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا  گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا، جن کي سول اسپتال ميرپورخاص داخل ڪرايو ويو آهي

متاثر ٻارڙن ۾ معصوم حسين علي، محمد طفيل، نائلا، عائشه، سنيا، فاطما، سجاد ۽ ٻيا شامل آهن

صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آھي ته ميرپورخاص ضلعي جي  مختلف اسپتالن ۾ 5 سئو کان وڌيڪ معصوم ٻارن سميت مرد ۽ عورتون داخل آھن جن جو علاج ھلندڙ آھي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميرواھ گورچاڻي واسي گيسٽرو ۾ مبتلا  معصوم نياڻي 3 ورھين جي بشريٰ فوت ٿي وئي هئي

ٽائيم نيوز کي سول اسپتال جي ايم ايس ھرچند راءِ ٻڌايو آھي ته گيسٽرو  جي مرض ۾ گندو پاڻي پيئڻ، مکين جي مٿا ويھڻ بعد مختلف شيون کائڻ ۽ گرمي جي واڌ سبب گيسٽرو مرض ۾ وڌي رهيو آهي، ماڻهو پاڻي  گرم ڪري ان کي ٿڌو ڪرڻ بعد پيئن ۽ فروٽا سميت کليل شين کي ڌوئڻ بعد کائن ۽ پنهنجي  پنهنجي گھرن ۾ مکيون ۽ مڇرن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري ڪرائين

 

ھي به پڙھندا

ملاڪاتيار ڀرسان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو