ميرپورخاص(بيورو)  ميرپورخاص جي تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ صغير دل لڳ ڪولهي ڪالوني جي رهواسڻ 15 سالن جي يتيم ناري ڀاڻي ڪولهي , والده ڳاني ڪولهي ۽ ٻين مائٽن سان گڏ پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي چيو ت منهنجو والد فوت ٿي ويو آھي ويڳن چاچن ۽ ٻين دوکو ڪندي اسانکي  مزدوري تي هلڻ جو چيو آئون ۽ ننڍو ڀا۽ انهن سان گڏ وياسين هنن مونکي ننڊ جون گوريون کارائي بيهوش ڪري وڪرو ڪري ڪيول ڪولهي سان شادي ڪرائي ڇڏي جڏهن آئون هوش ۾ آيس , اڻ واقف ماڻھن جي گهر ۾ موجودگي تي دانهون ڪيون ت مونکي ڪيول چيو ت منهنجي توسان شادي ٿي آھي تشدد ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو , هنن ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايڇ او ڪوٽ غلام محمد ٿاڻو ۽  وومين ٿاڻو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .