ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي سول اسپتال ۾ علاج دوران  2 مريض فوت ٿي ويا، لاش چئن ڪلاڪن تائين سول اسپتال ۾ پيل رھيا، ايم ايس ٻڌايو ته  ھڪ مريض 65 ورھين جو جھاگير ٽن ڏينهن کان داخل ھو ۽ ٻيو مريض محمد عمر پٺاڻ صبح جو داخل ٿيو ھو جن سان وارث گڏ ھئا ۽ فوت ٿيڻ بعد وارث گم ٿي ويا، وارث ظاهر نه ٿيڻ سبب پوليس حوالي ڪيا ويا، پوليس وارثن کي ڳولي لاش سندن حوالي ڪيا، وارثن جو چوڻ ھو ته غربت سبب لاش اسپتال ڇڏي ڏنا هئاسين، مھانگائي سبب کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، تدفين ڪٿان ڪيون ؟