ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، روزيدار ۽ شهري سخت گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا. ان حوالي سان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي شهرين حبيب آرائين، پرويز حيدري، منظور لغاري، عمران گورچاڻي، عدنان راجپوت، اشوڪ ڪمار ميگهواڙ، لالو ڀيل، هريش ڪولهي ۽ ٻين چيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب اسين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ روزيداري پڻ شديد گرميءَ ۾ سخت پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته وڌندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي بيچيني ختم ڪئي وڃي.