ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ٽائون ڪميٽي ميرواهه رچاڻي جي وارڊ نمبر 7 جي ڳوٺ لال بخش رستماڻي ۾ ڏهن سالن کان بوائز پرائمري اسڪول جو ماستر بدلي ٿي وڃڻ ڪري اسڪول بند پيل آهي. ڳوٺ جي سوين ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ لڳي، ڳوٺاڻن پاران پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت اسڪول جي ٻاهران سخت احتجاج
ڪري زوردار نعرا پڻ هنيا ويا. مظاهرين پنهنجي اخبار سان ويچار وڊيندي سومجي مل چوهاڻ، نرمل مهراج، مولچند مهراج، رميش ڪمار ميگھواڙ، شگن لال ميگھواڙ سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي ٻارن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي.