اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني تحريڪ انصاف کي اڊيالا جيل جي انتظامي معاملن ۾ مداخلت، ملاقاتن ۽ مشاورت ۾ رڪاوٽ خلاف درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق باني تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شعيب شاهين ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته رجسٽرار آفيس اعتراض ڪيو آهي ته ميجر ۽ ڪرنل کي ڪئين ڌر بڻائي سگهجي ٿو. ؟ جنهن تي شعيب شاهين ٻڌايو ته اسان ميجر يا ڪرنل کي ڌر ناهي بڻايو. وزارت دفاع کي ڌر بڻايو آهي. اڳوڻا عدالتي حڪم هئا اُهي به منسلڪ ڪيا آهن. عدالت درخواست تي لڳايل رجسٽرار آفيسر جا اعتراض ختم ڪندي درخواست کي اڄ ٻيهر ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.